اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي وفد سان گڏجي ملاقات ڪئي. وفد ?? قومي اسيمبلي ميمبر غوث بخش مهر ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاير بيان موجب سمورن اڳواڻن وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ جاري حڪومتي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وفاقي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي، ??سد عمر ۽ خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پڻ موجود هئا.