اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ صنعتي شعبي جي ترقي انتهائي ضروري آهي، حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ننڍي ۽ وچو??ي پئماني جي صنعت جي لا??ِ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم اي پاليسي جاري ڪئي وئي، ڪورونا وبا دوران حڪو??ت جي ڪامياب پاليسين جي ڪري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ صنعتي شعبي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي صنعتي شعبي جي موجوده صلاحيت ۽ ترقي جي لا??ِ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪو??ت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي باوجود صنعتي شعبي تمام گهڻي ترقي ڪئي جنهن جو سڀ کان وڏو دليل ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جو پنهنجي مڪمل صلاحيت سان ڪم ڪرڻ آهي، تعميراتي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومتي پئڪيج جي ڪري ملڪ ۾ نه رڳو اقتصادي بهتري آئي پر روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مينوفيڪچرنگ سيڪٽر هن وقت جي ڊي پي جو 12.79 سيڪڙو آهي جڏهن ته حڪومت ان کي وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي سان ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي ۽ مجموعي طور تي ملڪي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي وڌائڻ، ِسڪ يونٽس کي فعال ڪرڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پلانٽ ۽ مشينري ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي آهي جنهن تي عملدرآمد ترجيحي بنيادن تي جاري آهي. ان کانسواءِ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ، ننڍي ۽ وچو??ي پئماني تي صنعت جي ترقي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم صنعتن ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، اسد عمر، خسرو بختيار، حماد اظهر، اسٽيٽ بئنڪ جي ??ور??ر رضا باقر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.