بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيني ڪارپوريٽ اڳواڻن کي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪندي سي پيڪ خصوص?? اق??صا??ي زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪاروبار دوست ??اليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني آهي. وز??راعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان بيجنگ ۾ چين جي مشهور سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ڪمپني، هائوزانگ ٽيڪنالاجي، زي جيانگ سي پورٽ گروپ، چيلينج فيشنز، هونان سن واڪ گروپ، رائل گروپ، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن، زنگ بانگ گروپ ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن جا اعليٰ عملدار شامل هئا. ڪارپوريٽ اڳواڻن وز??راعطم کي پاڪستان ۾ پنهنجي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، هن ڌاتن ۽ ڪاغذن جي ري سائيڪلنگ، توانائي، ٽيڪسٽائيل، فائبر آپٽڪس نيٽ ورڪس، هائوسنگ، ڊيري ۽ واٽر مينيجمينٽ بابت منصوبن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ڪمپني تعميراتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري ٿي، هائوزانگ ٽيڪنالاجي جامع ڪاغذ سازي جي سامان ۾ مهارت رکي ٿي، زي جيانگ سي پورٽ گروپ چين جي سڀ کان وڏي پورٽ آپريٽرز مان هڪ آهي، چيلينج فيشنز هڪ مشهور ٽيڪسٽائيل ڪمپني آهي، هونان سن واڪ گروپ جو بنيادي ڪاروبار مواصلات، ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ تعميرات آهي، رائل گروپ چين جو سڀ کان وڏو ڳئون جو کير پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو گروپ آهي، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن سول انجنيئرنگ ۽ تعميراتي مصنوبن تي ڪم ڪندو آهي، زنگ بانگ گروپ صوبه جيان زي جو وڏو زرعي انٽر پرائيز آهي ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن چين جي وڏي زرعي صنعتي مشينري ڪمپنين مان هڪ آهي، ان موقعي تي وز??راعظم عمران خان چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهر?? اق??صا??ي ۽ واپاري لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيني ڪارپوريشن اڳواڻن کي پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کين سي پيڪ خصوص?? اق??صا??ي زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪاروبار دوست ??اليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني، ان موقعي تي وز??راعظم سان گڏ وفاقي وز??ر، صلاحڪار ۽ اعليٰ عملدار به هئا.