اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان جي ناميارن روانگي واپارين جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، سيد علي زيدي، فيصل واوڊا، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، خ??ص مددگار سيد ذوالفقار عباس ??خا??ي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين، اي او بي آءِ جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفد ۾ اوورسيز انويسٽرز چيمبرز آف ڪامرس، پاڪستان بزنس ڪائونسل، آٽوموبيلز سيڪٽر، ٽينرز ايسوسيئيشن، هوزري، فشريز، گارمنٽس، فارماسوٽيڪل انڊسٽري، اسٽيل، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين صنعتن سان لاڳاپيل مشهور ڪاروباري شخصيتون شريڪ هيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وفد روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان حڪومتي پاليسي ۽ قدمن تي وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽ??م کي خراج تحسين پيش ڪيو، وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته حڪومتي پاليسين جي ??تي??ي ۾ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي جنهن جي ??تي??ي ۾ معاشي عم?? ۾ تيزي آئي آهي.