اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد مريد عباس خان قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسما??ي ريمانڊ تي ??يف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل ان وقت جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد غواث خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر مصور عمران ۽ چيف ڪمپيوٽ?? انجنيئر سعد مدثر کي ٽن ڏينهن جو جسما??ي ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي ??دالت آڏو پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي بئنڪ اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ باقي آهي. جوابدارن جو 7 ڏينهن جو جسما??ي ريمانڊ منظور ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا ۽ انهن جعلي صحيحن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا. سردار يعقوب مستوئي چيو ته سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي 124 ملين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان سرڪاري رقم جي وصولي جي لاءِ جسما??ي ريمانڊ ڏنو وڃي. ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ??دالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسما??ي ريمانڊ تي ??يف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.