اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي سومر ۽ اڱاري دوران تيز برساتن سبب ڪشمير، اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پخت??نخ??ا، ڪوه سليمان ۽ ڀرپاسي اتر اوڀر، ڏاکڻي بلوچستان جي جابلو علائقن جي مقامي برساتي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. تيز برساتن سبب اتر اوڀر، ڏکڻ پنجاب، پشاور، ڪراچي سميت هيٺين سنڌ جا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق اڱاري ڏينهن خيبر پخت??نخ??ا، گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آبا??، مٿانهين/ وچولي پنجاب، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گج??وڙ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪشمير، اتر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، اتر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۽ خيبر پخت??نخ??ا ۾ ڪجه?? هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر پنجاب، پوٺوهار خطي، اسلام آباد، ڏکڻ اوڀر سنڌ، مٿانهين خيبر پخت??نخ??ا، ڪشمير ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گج??وڙ سان برسات جڏهن ته ڪجه?? هنڌن تي تيز برسات به ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي ۾ 47، ??ال??ندين، نوڪنڊي ۾ 46 ۽ دادو ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.