اسلام آباد-12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سرڪاري جي شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت مالي سال 25-2024ع دوران ريلوي ڊويزن جي 25 جاري رٿائن لاءِ 40386 ملين رپيا، 12 نَون من??وبن لاءِ 4614 ملين رپيا مختص ڪيا آهن. پي ايس ڊي پي مطابق ريلوي ڊويزن جي جاري رٿائن چائينا- پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور پراجيڪٽ لاءِ 50 ملين رپيا، ريلوي جو ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن سان رابطن کي هٿي ڏيڻ جي من??وبي لاءِ 25 ملين رپيا، چمن يارڊ کان افغان بارڊر تائين نئين ٽريڪ جي تعمير ۽ اپ گردڊيشن جي من??وبي لاءِ 975 رپيا، پاڪستان ريلوي ۾ بزنس ڊولپمينٽ ايڇ آر سپورٽ يونٽ جي قيام لاءِ 30 ملين رپيا، ريلوي وزارت تحت مئنجمينٽ يونٽ (پي ايم يو) جي من??وبي لاءِ 300 ملين رپيا، ڪراچيءَ ۾ ٽريمنلز جي سيڪيورٽيز جي صورتحال جي بهتريءَ جي من??وبي لاءِ 250 ملين رپيا، ريلوي اسٽيشنن تي سولر سسٽم لاڳو ڪرڻ وارن من??وبن لاءِ 50 ملين رپيا، چائينا-پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور تحت ايم ايل ون جي اپ گريڊيشن جي من??وبي لاءِ 20 ملين رپيا، 820 هاءِ ڪيپسٽي بوگين ۽ـ 230 مسافر ڪوچز جي خريداريءَ جي من??وبي لاءِ 11157 ملين رپيا، پشاور ڊويزن ۾ ٽريڪ جي اپ گريڊيشن لاءِ 10 ملين رپيا، سمه سٽه ٽريڪ جي بحاليءَ لاءِ 115 ملين رپيا، راولپنڊي ڊويزن ۾ ملٽي پرپز ٽريننگ هالز جي رنگ روغن جي من??وبي لاءِ 50 ملين رپيا، امچيٽ ٽريڪس سيفٽي ورڪس جي من??وبي لاءِ 2660 ملين رپيا، ٿر ڪول کان پورٽ قاسم تائين جي مو??وده ريلوي ٽريڪ جي رابطي لاءِ 16000 ملين رپيا مختص ڪيا و??ا آهن. جاري انگن اکرن مطابق ريلوي ڊويزن جي نَون من??وبن نارووال ريلوي اسٽيشن کان سيالڪوٽ ڦاٽڪ تائين لنڪ روڊ جي تعمير جي من??وبي لاءِ 110 ملين رپيا، حويليان ڊراءِ پورٽ ويجهو پاڪستان ريلوي جي مو??وده لائن جي اپ گريڊيشن لاءِ 200 ملين رپيا، شاهدره ۾ ريلوي پُل جي تعمير جي من??وبي لاءِ 294 ملين رپيا، ريلوي ٽريڪ جي پُلن جي تعمير ۽ مرمت جي من??وبي لاءِ 200 ملين رپيا، ملتان مان شير شاهه- ڪنديان ٽريڪ سيفٽي ورڪس لاءِ 200 ملين رپيا، سکر ڊويزن جي ٽريڪ سيفٽي ورڪس روهڙي کان سبي تائين لاءِ 200 ملين رپيا مختص ڪيا و??ا آهن. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تحت ريلوي ڊويزن جي جاري ۽ نَون من??وبن لاءِ مجموعي طور تي 45000 ملين رپيا مختص ڪيا و??ا آهن.