بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي پاڻڀرائپ جي منزل سان همڪنار ڪرڻ ۽ ترقي جي لاءِ چي?? جي ماڊل مان فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ چي?? جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڀائتو بڻايون، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چي??ي شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چي?? ته پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن جي تقريب کي خطاب منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پاڪستان ۽ چي?? جي غيرمشروط دوستي جو ڊگهو سفر گڏيل اعتماد ۽ احترام جي رستن تي قائم آهي، اها پائيدار دوستي سرحدن کان ٻاهر هاڻي خلائن ۾ پهچي چڪي آهي، چي?? جي گهٽ عرصي ۾ تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪستان 24 ڪروڙ آبادي جو ملڪ آهي، پاڪستان جا سعودي عرب، يو اي اي، ڪويت، ايران، افغانستان ۽ ٻين نار ملڪن سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن پر پاڪستان ۽ چي?? جي و?? ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، اها دوستي ذاتي مفاد جي لاءِ نه آهي، چي?? ٻوڏ، زلزلن ۽ ٻين قدرتي آفتن سميت هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، اها نه ختم ٿيندڙ دوستي ۽ تعلق آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي بي لوث ۽ هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وزيراعظم چي?? ته هن 1981ع ۾ پهريون ڀيرو چي?? جو دورو ڪيو هو ۽ چي?? جي تعليم، صحت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي جو مشاهدو ڪيو هو، چي?? مخ??صر عرصي ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، هن عظيم ملڪ بڻجڻ جي لاءِ دنيا جي سامهون هڪ مثال قائم ڪيو ۽ صنعتن ۽ زراعت جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو ۽ ان ترقي جو مشاهدو اسان اڄ ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته اڄ 2024ع ۾ چي?? دنيا جي ٻي و??ي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجي چڪو آهي، پاڪستان چي?? جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آهي، چي?? جي پيداواري صلاحيت سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، چي?? ۾ سينٽرلائزڊ پلاننگ سسٽم آهي، چي?? جي مثالي ترقي اڻٿڪ محنت ۽ ڪم سان لگن جي ڪري آهي، چي?? کانسواءِ دنيا اڄ هڪ قدم به اڳتي نه ٿي و??ي سگهي، اڄ چي?? جو واپار کربين ڊالر ۾ آهي. چي?? انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سميت هر شعبي ۾ ڀرپور ترقي ڪئي آهي، چي?? دنيا جي ٻي بهترين ۽ مضبوط معيشت آهي، چي?? ۽ پاڪستان جي اڄ جي هي تقريب هڪ خانداني ميڙ آهي. هن چي?? ته جيڪڏهن اسان چي?? جي اڻٿڪ محنت ۽ لگن مان سکون ۽ چي?? جي ماڊل تي عمل پيرا ٿيون ته پاڪستان به دنيا ۾ چي??ي ڀائرن وانگر وڏو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، چي?? پنهنجي نوجوانن، صحت ۽ تعليم تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي، پاڪستان جي پاڻڀرائپ جي منزل سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ سموريون توانائيون استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ چي?? جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ نتيجاخيز بڻايون، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چي?? ته چي?? جي صدر شي جن پنگ نه رڳو چي?? جي عوام پر پوري دنيا کي ترقي جو رستو ڏيکاريو آهي، شي جن پنگ هڪ ويزنري اڳواڻ آهي جنهن تڪرارن ۽ جنگين کان هٽي ڪري سخت محنت جي ذريعي اڳتي و??ڻ جو مثال قائم ڪيو آهي، سي پيڪ ۽ بي آر آءِ ان ترقي جو مثال آهي، چي??ي مصنوعات جي اڄ سڄي دنيا ۾ طلب آهي، چي?? جي ترقي جي ماڊل تي عمل ڪري پاڪستان کي نه رڳو خطي پر دنيا ۾ هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين ۽ پاڪستان هڪ اهڙو باغ بڻجندو جنهن جي خوشبو پوري ملڪ ۾ پکڙجندي، ترقي کانسواءِ دنيا ۾ عزت ڪمائڻ جو ڪو رستو نه آهي. وزيراعظم چي?? ته اپريل ۾ بشام ۾ چي??ي ورڪرز تي حملي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي ڪارروائي ۾ 5 چي??ي ڀاءُ ماريا ويا، ان واقعي پوري پاڪستان کي لوڏي ڇڏيو، اسان ان واقعي جي پـٺيان ناپاڪ ارادن کي سمجهي سگهون ٿا، ان جي منصوبابندي پاڪ چي?? دوستي ۽ سي پيڪ جي دشمنن ڪئي، ان بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ حملي ۾ مارجي ويل چي??ي شهرين جي پونئيرن سان تعزيت ڪريون ٿا، پاڪستان ۾ چي??ي شهرين جي سلامتي پنهنجي ڀينرن ڀائرن وانگر عزيز آهي، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چي??ي شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو.