بيجنگ – 05 – جون (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چين جي سرڪاري دوري جي ٻئي مرحلي ۾ چي??ي گادي واري شهر بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا و??اق?? وزير به وزيراعظم سان گڏ آهن. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم چيني صدر، وزيراعظم ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سان جدا جدا ملاقات ڪندو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڪيترين ئي مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ٿينديو??. و??يراعظم جون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن سان ملاقاتون پڻ ٿينديون.