اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي س??ت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ ٻارن ۽ ??ور??ن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ رفح ڪراسنگ تي حملي ۽ گهيراءُ جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل کي عالمي انساني قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پنهنجي تازه ڪاررواين مان ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو مرڪتب ٿي رهيو آهي. هن فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت ڪئي پئي وڃي، فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي ادارن کي فلسطينين تي جاري ڏاڍ جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي س??ح ۽ فورمز تي غزه ۾ جاري ظلمن ۽ غزه ۾ ٻارن ۽ ??ور??ن تي ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستان جي ان اصولي موق?? هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪش??ير هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ترجمان گيمبيا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي س??براهي اجلاس جي پڌرنامي ۾ ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار بابت او آءِ سي جي موقف کي س??راهيندي چيو ته اجلاس ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪئي.