اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته معاشي انگ اک?? مثبت آهن، عالمي اخبا??ُو?? ۽ رسالا به پاڪستان جي مع??شت کي ساراهي رهيا آهن، پينشن سڌارن تي تجويزون طلب ڪيون آهن، جڏهن تجويزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ته ميڊيا ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز م ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ تاريخ جي ان موڙ تي بيٺل آهي جتي سڌارا ضروري آهن. هن چيو ته مع??شت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، مع??شت ??ي حوالي سان سمورا انگ اک?? مثبت آهن، سموريُون عالمي اخبا??ُو?? ۽ رسالا پاڪستاني مع??شت ??ي حوالي سان قدمن کي ساراهي رهيا آهن جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته معاشي انگ اک?? مثبت هجڻ سان گڏوگڏ سئو سيڪڙو صحيح به آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين خرچن ۾ گهٽتائي جي ڳالهه ڪئي، حڪومت جتي روينيو ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، اتي خرچن ۾ گهٽتائي پڻ ڪئي. پينشن سڌارن بابت هن چيو ته گذريل ڪجهه هفتن کان ميڊيا تي پينشن سڌارن ??ي حوالي سان قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن ۽ ان کي ڪنهن هڪ اداري سان ڳنڍيو پيو وڃي. هن چيو ته پينشن سڌارن ??ي حوالي سان تجويزون طلب ڪيون ويون آهن، انهن تجويزن تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته غلط فهمي ۽ قياس آرائين کان بچڻ جي لاءِ اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪو به معاملو ڪابينا، حڪومت يا ڪنهن به فورم تي غور هيـٺ اچي، ان کي ميڊيا آڏو رکيو وڃي ته جيئن ان تي مناسب تجويزون اچي سگهن، ??هڙ?? طرح اسان پروپئگنڊه ۽ فيڪ نيوز کان پڻ بچي سگهون ٿا. وفاقي وزير چيو ته ملازمن جي سروس جو عرصو وڌائڻ ??ي حوالي سان تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن اهي تجويزون حتمي شڪل اختيار ڪري وينديون ته ميڊيا ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.