ڪراچي – 05 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ميڊيا هائوسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادا??گي جي لاءِ عملي قدم کنيا، اي سي سي ميڊيا هائوسز کي رهتن جي ادا??گي جي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حق تلفي ٿيڻ نه ڏني ويندي، معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن ميڊيا تنظيمن آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي عهديدارن سان جدا جدا ملاقاتن دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقاتن ۾ ميڊيا ورڪرز، صحافين، اخب??ري صنعت کي درپيش مسئلن ۽ معاشي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيون، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ سميت انهن جي حقن جو تحفظ ۽ سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻنداسين. هن چيو ته ميڊيا هائوسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ميڊيا هائوسز کي بقايائن ۽ رهتن جي ادا??گي جي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته اطلاعات و??ري وزارت حڪومت، صحافين ۽ ميڊيا هائوسز جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته صحافين جي علاج جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي جلد هيلٿ ڪارڊ ج??ري ڪيو ويندو. هن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حق تلفي ٿيڻ نه ڏني ويندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته معاشي مشڪلاتون ضرور آهن پر وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت معاشي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته عوامي معيشت اسان جو تمام وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نه ڏيندڙن جي مڪينزم بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ميڊيا تنظيمن حڪومت جي معاشي بحالي جي سمورن قدمن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ميڊيا تنظيمن فنڊز ج??ري ڪرڻ ۾ تعاون فراهم ڪ??ڻ تي اطلاعات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن تفصيلي بريفنگ ڏني.