اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ گڏيل عرب امارات جي ترقي ۽ تبديلي جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي و??زن ۽ ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي، وزيراعظم شهباز شريف جي و??زن موجب يو اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هو گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ٿي. گڏيل عرب امارات جي سفير بشام ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪئي. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گڏيل ويزن ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل لاڳاپا قائم آهن. پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. هن چيو ته ايمرٽس ايئرلائين جي پهرين اڏام پي آءِ اي جي پائليٽ اڏائي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو اعليٰ مثال آهي. وفاقي وزير چيو ته مرحوم شيخ زيد جا پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان انتهائي و??جها لاڳاپا هئا. اطلاعات واري و??اقي وزير يو اي اي جي سفير کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته ايف بي آر ۾ ٽيڪس سڌارا آندا پيا وڃن، جڏهن ته معاشي ش??بي ۾ ڊيجيٽلائيزيشن لاءِ ڪم ڪيو پ??و وڃي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي و??زن موجب واپار ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اطلاعات واري و??اقي وزير معيشت جي بهتري لاءِ گڏيل روڊ ميپ ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي و??زن موجب ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي يقين رکون ٿا. يو اي اي سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ساڻس گڏ آهيون. اطلاعات واري و??اقي وزير گڏيل عرب امارات جي ترقي ۽ تبديلي جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي و??زن ۽ ڪوششن کي ساراهيو.