اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) ال??ڪشن ڪميشن متفقا طور سني اتحاد ڪونسل جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي در??وا??ت رد ڪري ڇڏي. ال??ڪشن ڪميشن طرفان چيئرمين سڪندر سلطان راجا ۽ چئني ميمبرن طرفان متفقا طور تي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته قومي اسمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 8 فيبروري تي ٿي چڪيون آهن ۽ اهو آئين جي آرٽيڪل 41 جي شق 5 تحت جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙيون ويو?? هجن ته عام چونڊن جي 30 ڏينهن اندر صدر جو مدو پورو ٿيڻ ک??نپوءِ ان جي چونڊ ڪرڻ لازمي آهي. ال??ڪشن ڪميشن پهرين مارچ تي صدر جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو جنهن تحت 9 مارچ تي ال??ڪشن ٿي رهيو آهي. ان جي جانچ پڙتال سميت سمورو عمل مڪمل ٿيڻ ک??نپوءِ صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي طرفان چونڊ ڪالج مڪمل نه هجڻ جي موقف سان چونڊ ملتوي ڪرڻ جي در??وا??ت ڏني وئي جڏهن ته هن طرفان چونڊ ڪالج جي حوالي سان ريٽرننگ آفيسر وٽ ڪو اعتراض نه اٿاريو ويو، هن وقت قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبليون فعال آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چونڊ پڻ ٿي چڪي آهي. ان ڪري ال??ڪشن ڪميشن متفقا طور تي محمود خان اچڪزئي طرفان ص??ارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي در??وا??ت رد ڪري ڇڏي.