اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي فراهم ڪيل ٻي امدادي کيپ وصول ڪئي، اها امدادي کيپ سعودي عرب ط??فان شاهه سلمان مرڪز جي ذريعي موڪلي وئي، اها ڳالهه پاڪستان ۾ سعودي سفارتخاني مان جاري بيان ۾ چئي وئي آهي. پاڪستان سعودي عرب ط??فان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي س??مان جي فراهمي تي س??ودي حڪومت سان ٿورون جو اظهار ڪيو، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته سعودي عرب کان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني امداد جي پهرين اڏام اڱاري تي ڪراچي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهت يهئي، پهر??ن کيپ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي، ڪراچي ۾ سعودي عرب جي قونصل جنرل بندر فهد الديل پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جي نمائندن سان گڏ وصول ??ئي هئي.