اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پا??ستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير چوڌري عابد شير علي چيو آهي ته مظلوم ڪشميري عوام خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي، سڄي پا??ستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل ??هي، ڪش??ير مسئلي جي حل لاءِ انهن جي سياسي، سفارتي، اخلاقي، قانوني، انساني حمايت جاري رکي ويندي، جيستائين ڪش??ير مسئلي جو مستقل ۽ پائيدار حل نه نڪرندو خطي ۾ امن ۽ اعتماد جي فضا قائم نه ٿي ٿي ??گه??. هڪ ملاقات دوران هن چيو ته ڪش??ير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پا??ستان جو هر ٻار احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ عالمي دنيا کان مطالبو ڪري رهيا آهيون ته ڪش??ير مسئلي جي فوري حل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميري عوام سان قومي جذبي سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي طاقتن جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائينداسين. هن چيو ته سڄي پا??ستاني قوم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي مظلوم عوام سان گڏ بيٺل ??هي ۽ انهن جي آزادي تائين سک سان نه ويهندي. هن چيو ته ڀارت جي خلاف ڪش??ير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪش??ير مسئلي جي سنگيني کي عالمي سطح تي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۽ مظلوم ڪشميري عوام کي پيغام ڏيڻ آهي ته اها آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي پر پا??ستاني قوم ان سان گڏ آهي. هن چيو ته 5 گسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي خلاف ٻار، بزرگ، جوان هر شهري پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي عالمي دنيا تي واضح ڪري رهيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پا??ستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل ??هي. اسان ڪشميرين جي ترجماني ڪندي انهن جو آواز هر پليٽ فارم تي اٿارينداسين. هن چيو ته ڪشمير پا??ستان جي شهه رڳ آهي ۽ اسان پنهنجي شهه رڳ جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن به قدم کان نه ڪيٻائينداسين.