اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهن کي روز مره جي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، وڌ کان وڌ غريب گهرن کي فائدو پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس راشن پرو??را?? بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ??زي??اعظم جي غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، گلگت بلتستان جي وڏي ??زي?? خالد خورشيد، ??زي??اعظم جي سياسي معاملن واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل سميت لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته پنجاب جي وڏي ??زي?? عثمان بوزدار خيبرپختونخوا جي وڏو ??زي?? محمود خان، آزاد ڪشمير جي ??زي??اعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ??زي??اعظم چيو ته حڪومت عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته مهانگائي جي ڪري ماڻهن جي تڪليفن جي خبر آهي اسان غريب ماڻهن کي روز مره جي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ان کان اڳ ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس راشن پرو??را?? تحت ملڪ جي ان 2 ڪروڙ گهرن کي اٽو، گيهه ۽ دا??ين تي هڪ هزار روپين جي ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي، جنهن جي ماهوار آمدني 50 هزار روپين کان گهٽ آهي، ??زي??اعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اهو پرو??را?? 15 ڊسمبر کان سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيو ويندو، پرو??را?? تحت ڪريانه اسٽورن جي رجسٽريشن جاري آهي ۽ هن وقت تائين 15 هزار کان وڌيڪ ڪريانه اسٽور رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، ??زي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ وڌ کان وڌ غريب گهرن کي فائدو پهچائڻ لاءِ رجسٽريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن ان سلسلي ۾ ڪريانه اسٽورن ۽ ممڪنه فائدو وٺندڙن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ضلعي حڪومت جي عملدارن کي به متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.