اسلام آباد – 01 نومبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر لٽيل دولت تي اين آر او گهري رهي آهن ۽ پرڏيهي طاقتون پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن، پاڪستان خوشحالي طرف گامزن آهي. پاڪستان اڳتي وڌندو ۽ دشمن جا ناپاڪ عزائم ناڪ??م ٿيندا، 27 فيبروري سڄي ملڪ جي جيت هئي. اها سمورين سياسي پارٽين ۽ محب وطن ماڻهن جي جيت هئي، ان ڏينهن دنيا ۾ مودي جي غرور کي خاڪ ۾ ملا??ي ڇڏيو ۽ پاڪستان جو قد اونچو ٿيو، ايندڙ ڀارتي نسل پاڪ فوج جي شاهينن جي ڪارنامن کي ڪڏهن فراموش نه ??ند??، پاڪ فوج جي شاهينن ڀارت جي مذموم عزائم کي خاڪ ۾ ملا??ي ڇڏيو. ڀارت جڏهن به جارحيت جي ڪوشش ڪئي پاڪستان ان کي ڀرپور جواب ڏنو ۽ ان جي ناپاڪ عزائم کي خاڪ ۾ ملا??ي ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي پر??س انفارميشن ڊيپارٽمنٽ (پي آئي ڊي) ۾ پر??س ڪانرنس کي خطاب ??ند?? ڪيو.