اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بنيادي حقن، معاشرتي معاملن ۽ ماحولياتي تح??ظ جي حوالي سان اسلام ح??ون تعين ڪري ڇڏيون آهن، انهي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ مسجد ۽ منبر جو ڪردار تمام اهم آهي، مديني جي رياست جي طرز تي معاشري جو قيام اسان جو خواب ۽ نبي اڪرم ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اسان کي ويڇن بدران اتحاد ۽ ات??اق کي فروغ ڏيڻ گهرجي، فرانسيسي صدر جو رويو مذمت جي قابل ۽ رياستي سطح تي توهين آميز مواد جي ڇپائي جي حوصلا افزائي افسوسناڪ آهي، عالمي سطح تي مذهبن جي احترام جي حوالي سان قانونسازي جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عيد ميلاد النبي صه جي مناسبت سان قومي رحمت العالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.