اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي سائبر اسپيس کي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هي قدم ملڪي شهرين، ڪاروبارن ۽ سرڪاري ادارن جي آن لائين ڊيٽا جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ڊيجيٽلائيزيشن پاران سفر شروع ڪيو آهي جنهن سان سائبر حملن جا خطرا به وڌي ??يا آهن، ان حوالي سان ٺوس قدم کني?? وڃن. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سائبر/ انفارميشن سيڪيورٽي بابت ايڊوائيز??ي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.