ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي ??سئلن جي ??ستقل حل لاءِ 1100 ارب روپين جي تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي اهو پيڪيج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي جوڙيو آهي، ڪراچي جي ??سئلن جي حل لاءِ صوبائي ڪوآرڊينيشن عملدرآمد ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪراچي جي دوري جي ??وقعي تي ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي ??ڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان ان تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو، هن چيو ته ڪراچي جي ??سئلن جي حل لاءِ اجلاس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان ڪوشش ڪن??اس??ن ته ٽن سالن ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي وڃي، نالن جي صفائي جو ڪم اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن ان تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هتي آباد غريب ماڻهو بي گهر ٿيندا جنهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميداري سنڌ حڪومت جي آهي، وزيراعظم چيو ته سيوريج سسٽم جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي پيڪيج ۾ ان مسئلي کي به مڪمل حل ڪيو ويندو، ان سان گڏوگڏ سالڊ ويسٽ جو مسئلو به ان پيڪيج تحت ئي حل ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سرڪلر ريلوي به انهي پيڪيج تحت مڪمل ٿيندو، ڪراچي ۾ گرين لائن منصوبو به مڪمل ڪن??اسين، وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي ??اڻهن کي مشڪل حا??تن مان گذرڻو پيو آهي تنهن هوندي به اهي مسئلا ان ڪميٽي جي تعاون سان حل ڪن??اسين.