اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل دل ڪش سي??حت?? ماڳن ۽ ملڪي سي??حت?? صلاحيت کي مڪمل طور استعمال ۾ آڻڻ ??ي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي سياحت جي حوالي سان حڪومتي ترجيحن کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ سياحت بابت اعليٰ سطحي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪم??ٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سياحت بابت اعليٰ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪم??ٽي خاص مددگار پرڏيهي پاڪستانيز اينڊ هيومن ريسوس ڊولپمينٽ (بطور ڪنوينر)، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، گهرو وزارت، دفاع واري وزارت، مواصلات واري وزارت، هوابازي واري وزارت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ماحولياتي تبديلي واري وزا??ت جا سيڪريٽريز يا انهن جا نمائندا (جيڪي گريڊ 21 کان گهٽ نه هجن)، سمورا چيف سيڪريٽري يا ايڊيشنل سيڪريٽري، اويڪيوٽرسٽ ??ورڊ جي چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، پاڪستان ٽورازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر تي مشتمل هوندي.