لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان ڏکڻ پنجاب صوبو قائم ڪرڻ جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن مان ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چ??و آهي ته ان سلسلي ۾ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ سان انتظامي اختيارن جي منتقلي طرف هڪ وڏو قدم کنيو و??و آهي، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هو ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ڏکڻ پنجاب جي جدا صوبي بابت عوامي مطالبي تي موجوده حڪومت پاران عمل?? اڳڀرائي تي وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام جو پراڻو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تع??ل جو شڪار هو جنهن جي حل جو واعدو ماضي جي حڪومتن ڪيو پر پورو نه ڪيو ويو. ان مطالبي کي پاڪستان تحريڪ انصاف نه رڳو پنهنجي منشور جو حصو بڻايو پر ان طرف عمل?? اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن تي هو وزير??عظ?? جا ٿورائتا آهن. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو قيام اختيارن جي منتقلي طرف اهم اڳڀرائي آهي، ان سان ڏکڻ پنجاب جي عوام جي مسئلن جو حل ملتان ۽ بهاولپور ۾ ممڪن ٿيندو.