اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏامن جي بحالي کانپوءِ پيرس جي لاءِ پهرين اڏام جي روانگي تي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏام جي بحالي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سڌوسنئون اڏامن مان فا??دو کڻي سگهندا. اڏامن جي بندش سان قومي ايئر لائينز کي اربين ڊال?? جو نقصان ۽ ان جي ساک متاثر ٿي. الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت قومي ايئر لائينز جو تشخص بحال ڪيو. وزيراعظم چيو ته يورپ اڏامن جي بحالي کانپوءِ پي آءِ اي ترقي طرف گامزن آهي. ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزي?? اسحاق ڊار، هوابازي ۽ دفاع وارو وفاقي وزير خوا??ه محمد آصف، لاڳاپيل سمورا ادارا، ان جا آفيسر ۽ اهلڪار ساراهه جي لائق آهن.