اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊ??نلڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سفير ڊ??نلڊ بلوم کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ڪردار کي سا??اهيندي کيس مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان حڪومت جي نئين آمريڪي انتظاميا سان مثبت رابطا جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.