اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افغان حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها پنهنجي سرزمين تان تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جون ڪارروايون روڪي، هڪ طرف لاڳاپا وڌائڻ جي خواهش جو اظهار جڏهن ته ٻئي طرف ٽي ٽي پي کي کليل ڇوٽ ۽ افغانستان مان پاڪستان تي حملا، اهو ٻٽو عمل قبول نه آهي، اسان پاڪستان جي سا??ميت جي گهرجن جو پوري طرح دفاع ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته افغانستان اسان جي پاڙيسري ۽ ڀائر ملڪ آهي جنهن سا?? اسان جي هزارين ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي. ان سا?? لاڳاپا بهتر بڻائڻ، معاشي تعاون، واپار جو فروغ ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ اسان جي خواهش آهي پر اها بدقسمتي آهي ته ٽي ٽي پي اڄ به اتان آپريٽ ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ اسان جي بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪري رهي آهي، اها پاليسي نٿي هلي سگهي، افغان حڪومت کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي پر ٽي ٽي پي جو رستو مڪمل طور تي بند ڪرڻو پوندو، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي بيگناهه عوام کي شهيد ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اها اسان جي لا??ِ ريڊ لا??ين آهي. جيڪڏهن ٽي ٽي پي بدستور افغان سرزمين تان آپريٽ ڪندي ته اهو اسان جي لا??ِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، پاڪستان جي سا??ميت جي گهرجن جو اسان پوري طرح دفاع ڪنداسين. هن افغان حڪومت تي زور ڏنو ته اها ان حوالي سا?? ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري. اسان ڳالهه ٻولهه لا??ِ تيار آهيون پر جيڪڏهن هڪ طرف اسان کي لاڳاپا وڌائڻ جو پيغام ملي ۽ ٻئي طرف ٽي ٽي پي کي کليل ڇوٽ هجي ته اها ٻه عملي قابل قبول نه آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي سندس 17هين ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو هڪ جرئتمند ۽ بهادر اڳواڻ ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، سياست ۾ مفاهمت تي يقين رکندي هئي، هن نواز شريف سا?? ميثاق جمهوريت ڪيو جنهن جي سڀني سياسي پارٽين پذيرائي ڪئي، ملڪ ۽ جمهوريت جي لا??ِ سنيدس بي پناهه خدمتون ۽ قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. هن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي درجن جي بلندي لا??ِ دعا ڪئي ۽ صدر آصف علي زرداري ۽ بينظير ڀٽو شهيد جي پٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀينرن سا?? همدرديءَ ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي پارا چنار ۾ اين ڊي ايم اي جي ذريعي هيليڪاپٽرز موڪلي دوائن جي فراهمي کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته هڪ ٽن دوائون پارا چنار موڪليون ويون آهن ۽ اتان زخمين کي هيليڪاپٽر جي ذريعي بهتر علاج جي لا??ِ اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ واقع?? ۾ ??يف سي جا 16 جوان شهيد ٿيا جڏهن ته اتر وزيرستان ۾ ٿيندڙ هڪ مقابلي ۾ ڪيترن ئي خوارجين کي جهنم واصل ڪيو ويو آهي، ان مقابلي ۾ هڪ ميجر ۽ جوان شهيد به ٿيا. وزيراعظم ڪابينا کي آذربائيجان جي صدر سا?? پنهنجي گذريل ڏينهن ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪندي چيو ته آذربائيجان جي جهاز جي بدقسمت حادثي ۾ 38 انساني جانين جي زيان تي آذربائيجان جي صدر سا?? همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته آذربائيجان جو صدر پاڪستان جي عوام سا?? بي پناهه محبت ڪري ٿو، ايندڙ ڪجهه مهينن دوران آذربائيجان سا?? اسان جا رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ آءِ سي سي جي ايونٽس جو انعقاد ٿيڻ وڃي رهيو آهي جيڪا ڪرڪيٽ شائقين جي لا??ِ تمام وڏي خوشخبري آهي، ان جي لا??ِ تياريون مڪمل آهن. انهن مئچز سا?? پاڪستان جي نوجوانن جون صلاحيتون اڀري سا??هون اينديون. وزيراعظم ڪابينا کي اي ڊي آر جي حوالي سا?? مثبت اڳڀرائي بابت ٻڌايو ۽ نائب وزيراعظم، ناڻي واري وفاقي وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي ساراهيو جن بئنڪن سا?? معاملو طئي ڪرڻ جي لا??ِ تمام گهڻي محنت سا?? ڪم ڪيو. وزيراعظم ٻڌايو ته قومي خزاني کي ان ڪوشش سا?? 70 ارب رپيا ملندا ۽ ايندڙ ٽن سا??ن ۾ 140 ??رب رپين جي لڳ ڀڳ رقم خزان?? ۾ ??يندي. وزيراعظم چيو ته بئنڪن ساڍا 22 سيڪڙو پاليسي ريٽ جو فائدو کڻندي بي پناهه منافعو ڪمايو ۽ ٽي بلز تي انويسٽ ڪنديون رهيون اهڙي صورت ۾ ملڪ ۾ صنعتون نه پئي لڳي سگهيون.