اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اُڏار پاڪستان پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي، ان سان تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار ??ي موقعن ۾ واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن موجوده حڪومت جي پنج س??له قومي اقتصادي منصوبي (29-2024ع) ” اُڏار پاڪستان“ ??ي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. احسن اقبال اُڏار پاڪستان کي جٽادار اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ طرف هڪ ”انقلابي“ قدم قرار ڏيندي چيو ته هي قدم جيڪو سياسي ڇِڪتاڻ يا ڪنهن به سياسي لانگ مارچ کان پاسو ڪندي وڌ کان وڌ قومي اتحاد قائم ڪري ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا سان اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري سگهون. هن چيو ته حڪومت ??ي موجوده معاشي چئلينجن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا هئ??، پر ملڪ کي خوشحال ۽ معاشي طور تي مضبوط بنائڻ لاءِ مسلسل بنيادن تي ڊگهي مُدي واري رٿابندي جي ضرورت هئي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي گذريل دؤرن ۾ ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع جي شروعات ڪئي هئي پر سياسي عدم استحڪام سبب ان تي مڪ??ل عملدرآمد نه ٿي سگهيو پر هاڻ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پنج س??له منصوبو تيار ڪيو آهي جيڪو پائيدار اقتصادي ترقي جو بنياد ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته قومي اقتصادي منصوبي جا ??مر عام ماڻهوءَ تائين پهچايا ويندا ۽ بهتر تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار ??ي موقعن ۾ اضافو ٿيندو.