اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي صارفي?? جي لاءِ بجلي جي اگهن کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي بجلي جي پيداواري منصوب?? جي حوالي سان حڪمت عملي تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ گهٽ لاڳت بجلي منصوبن کي ئي ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اه??ن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ مستقبل جي لاءِ بجلي جي پيداواري منصوبن، بجلي جي شعبي ۽ خاص طور تي پهچ نظام تي جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بجلي جي پيداوار جي منصوب?? جي لاءِ مقامي وسيلن کي ترجيح ڏني وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ جاري پن بجلي جي منصوبن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پن بجلي جا منصوبا گهٽ لاڳت بجلي جا اهڙا ذريعا آهن جن سان صارف کي ماحول دوست ۽ سستي بجلي فراهم ٿيندي. هن چيو ته بجلي جي موجوده صلاحيت کي پڻ شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي، سڄي دنيا ۾ ماحول دوست گهٽ لاڳت شمسي توانائي سان بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ان لحاظ کان خوش قسمت ملڪ آهي جو جتي شمسي توانائي جي وسيع صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم کي وڌيڪ ??ار?? سان گهٽ بجلي ٺاهيندڙ غيرموثر بجلي گهرن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته وڌيڪ ??ار?? سان گهٽ بجلي پيدا ڪندڙ فرسوده بجلي گهرن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي، اهڙن بجلي گهر?? جي بندش سان نه رڳو ??ار?? جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پر صارف جي لاءِ بجلي جي لاڳت پڻ گهٽ ٿيندي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا سمورا آفيسر جيڪي بجلي شعبي جي سڌارن ۾ ڄاڻي واڻي رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش رهيا آهن، انه?? جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، بجلي جي په?? جي نظام ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي، بجلي په?? جي نظام کي عالمي معيار موجب جديد رخن تي قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته بجلي جي پيداواري لاڳت جي لحاظ سان گهٽ لاڳت بجلي جي چونڊ ۽ په?? جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي نظام کي لاڳو ڪرڻ تي جلد عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ اجلاس دوران وزيراعظم کي ملڪ ۾ مستقبل جي لاءِ بجلي جي پيداواري منصوبن، بجلي شعبي خاص طور تي پهچ نظام جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان دوران بجلي جي نئين تجويز ڪيل منصوبن، جاري منصوب?? جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ ملڪ ۾ بجلي جي شعبي جي جاري سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته اجلاس کي بجلي جي موجوده طلب ۽ صلاحيت سميت درآمدي ??ار?? سان هلندڙ بجلي گهر?? جي تحليل ۽ پهچ نظام جي سڌارن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي شعبي جي سڌار?? جي لاءِ سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، سردار اويس احمد خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.