اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ آءِ ٽي جي صنعت جو ڪردار مُک اهميت رکندڙ آهي، آءِ ٽي روانگ?? واپار قيمتي پرڏيهي ناڻي جو اهم ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿي. هن اها ڳالهه آءِ ٽي جي روانگ?? واپار ۽ ڏيهه ??وڪليل ناڻي بابت وزيراعظم جي ڪميٽي جي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. اجلاس جو مقصد آءِ ٽي روانگ?? واپار ذريعي ڏيهه ??وڪليل ناڻي ۾ واڌ لاءِ امڪاني قدمن جو جائزو وٺڻ هو، جيڪو پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ ڊجيٽل معيشت لاءِ انتهائي اهم آهي. اجلاس ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي بابت صلاحڪار خرم شهزاد، ايف بي آر جو چيئريمن، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، سي اي او پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ، سيڪريٽري آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جو اسپيشل سيڪريٽري، ميمبر آءِ ٽي ۽ ناڻي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻ?? واري وزير پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۾ آءِ ٽي شعبي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته آءِ ٽي روانگ?? واپار قيمتي پرڏيهي ناڻي جو اهم ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿي، آءِ ٽي روانگ?? واپار جي مڪمل صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ گڏيل ڪوششن، مستقل پاليسين ۽ هدف تي ٻَڌل سڌارن جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ان شعبي ۾ موقعن ۽ چئلينجز تي روشني وڌي وئي ۽ پرڏيهه ??ان موڪليل ناڻي ۾ واڌ لاءِ سرمائي جي چُرپُر کي آسان بنائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. شرڪت ڪندڙن چيو ته ج??ڪڏ??ن آءِ ٽي روانگ?? واپار ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي پر ان جو هڪ وڏو حصو وطن واپس ناهي اچي رهيو. بحث ۾ فري لانسرز لاءِ مستقل ٽيڪس ڇوٽ، ريموٽ ورڪرز جي درجابندي ۽ ننڍين آءِ ٽي ڪمپنين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سادو طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيئن آءِ ٽي جي ڪاروبار کي پنهنجي ڪمائي پاڪستان ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 2.32 ملين فري لانسرز آهن جن جو آءِ ٽي روانگ?? واپار ۾ 15 سيڪڙو حصو آهي جڏهن ته ان مان صرف 38 هزار جا بئنڪ اڪائونٽس آهن. اسٽيٽ بئنڪ مطابق هر هفتي 500 نَوان اڪائونٽس کوليا پيا وڃن جڏهن ته انهن اڪائونٽ هولڊرز کي برقرار رکڻ ۽ ٻين ماڻهن کي ان عمل ۾ شامل ڪرڻ انتهائي اهم آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڪميٽيءَ کي انهن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن ۽ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جن ۾ اڪائونٽ کولڻ جي طريقيڪار کي آسان بنائڻ، آگاهي مهم، شڪايتن جي ازالي جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ آءِ ٽي شعبي کي بئنڪاري جي ڍانچي ۾ ترجيح ڏيڻ شامل آهي. شرڪت ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين ۽ فري لانسرز لاءِ پرڏيهه ??ان اُماڻيل ناڻي جي سهولت لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي استعمال تي به غور ڪيو. ڳالهين ۾ ادائگين جي ع??لم?? گيٽ ويز جهڙوڪ پي پال تائين رسائي جي فوري ضرورت ۽ مقامي سطح تي اهڙيءَ طرح جو حل پيدا ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيئن آءِ ٽي سان ڳنڍيل پيشيور ماڻهن ۽ فري لانسرز کي بااختيار بڻائي سگهجي ۽ پاڪستان جي ع??لم?? چٽاڀيٽي صلاحيت کي وڌائي سگهجي. پاليسي سازي ۾ ڊيٽا تي ٻَڌل بحث کي يقيني بڻائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو ته ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ، آءِ ٽي وزارت، پاشا ۽ فري لانسرز ايسوسيئيشن جي نمائندن تي ٻَڌل هڪ ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جيڪو ڊيٽا کي هم آهنگ ڪرڻ، اهم مسئلن جي نشاندهي، عمل کي آسان بنائڻ، شفافيت کي وڌائڻ ۽ اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ڌُرين طرفان کنيل قدمن جي مسلسل اڳڀرائيءَ کي يقيني بنائڻ تي ڪم ڪندو. ناڻ?? واري وزير معيشت ۾ هڪ اهم ڀائيوار طور تي آءِ ٽي شعبي جي ترقيءَ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن ڀائيوارن تي زور ڀريو ته هو گڏجي چئلينجز تي ضابطو آڻين، آءِ ٽي روانگ?? واپار کي هٿي ڏيڻ ?? پاڪستان کي ع??لم?? آءِ ٽي صنعت ۾ هڪ چٽاڀيٽي رانديگر طور تي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن.