اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراغچي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ سومر ڏينهن پاڪستان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ب??ان موجب ايران جو پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير عراغچي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن تي مشاورت ڪندو. ب??ان موجب هي دورو پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توانائي ۽ سلامتي سميت و??يع شعبن ۾ تعاون ۽ ڳا??هه ٻو??هه کي اڳتي وڌائڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو.