اسلام آباد – 01 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ ۽ غربت ??ي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. سينيٽ اجلاس ۾ ايمل ولي خان ۽ منظور احمد ڪاڪڙ جي سوال جي جو??ب ۾ احسن اقبال چيو ته 18هين ترميم تحت صوبن کي وسيلن جي فراهمي سان گڏ انتظامي س??ارن ۾ اضافي جي تربيت ڏني ويندي آهي. ضلعي سطح تي بلدياتي نظام کي مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن هيٺاهين سطح تي عوام کي سهولتون فراهم ڪري س??هجن. بلوچست??ن لاءِ فنڊ اتي جي عوام جي بهتري لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن وچ ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو مقابلو آهي. بلوچستان ۾ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ ۽ غربت ??ي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا.