راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) اٽلي بحريه جا ايئرڪرافٽ ڪ??ري??ر ڪاوور ۽ فريگيٽ الپينو پاڪستان جي دؤري تي پهچي ويا. ڪراچي بندرگاهه تي ايندڙ اهو اٽلي جو پهريون ايئرڪرافٽ ڪ??ري??ر آهي. آءِ ??يس پي آر موجب جهاز جي ??راچي پهچڻ تي پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن ۽ اٽلي جي سفير جهازن جو استقبال ڪيو. اٽلي جي جهاز سان گڏ اٽلي نيوي جا اعليٰ عملدار ۽ دفاعي صنعت جي وفد به ڪراچيءَ جو دؤرو ڪيو. ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل فيصل عباسي اٽلي ايئرڪرافٽ ڪ??ري??ر جو دؤرو ڪيو. اٽلي جي سفير ۽ بحريه جي اعليٰ عملدارن ڪمانڊر پاڪستان فليٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ مستقبل ۾ بحري ??ائيواري تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. دؤري دوران پاڪستان بحريه ۽ اٽلي ايئرڪرافٽ ڪ??ري??ر اسٽرائيڪ گروپ خاص طور تي جديد F-35 Lightning II ويڙهاڪ جهاز مختلف مشقون به ڪندا. اٽلي جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪ بحريه خطي جي اهم بحري قوت آهي ۽ پاڪ- اٽلي معاشي ۽ دفاعي سهڪار جا روشن امڪان آهن.