اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ عالمي سطح تي هڪ اهم سفارتي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي، ايس سي او پليٽ فارم تان پاڪستان کي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي ??عبي ۾ نوان موقعا حاصل ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي چين ۽ روس جهڙن ملڪن سان تعاون جا رستا کلي سگهن ٿا. اجلاس جي ميزباني سان پاڪستان جي ??المي سطح تي مقبوليت ۽ اهميت ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو ٻين ميمبر ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ايس سي او جي پليٽ فارم عل??ئق??ئي امن ۽ استحڪام کانسواءِ دهشتگردي، منشيات جي ??سمگلنگ ۽ ٻين عل??ئق??ئي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي جيڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏي?? ۾ ??ددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي سطح تي مثبت تاثر پاڪستان پاران هڪ ڪامياب ميزباني عالمي سطح تي ان جو مثبت تاثر قائم ڪري سگهي ٿي جنهن سان عالمي تنظيمن ۽ ملڪن جي وچ ۾ ان جي ??صيداري کي فروغ ملي سگهي ٿو. اجلاس جي ميزباني سان پاڪستان کي سفارتي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجي موقف کي مضبوط ڪرڻ جو بهترين موقعو ملي ٿو. اهڙا موقعا ملڪن جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. هي پاڪستان جي ??رقي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ??ادر موقعو آهي. سڄي دنيا جو ڌيان پاڪستان تي آهي ۽ ان موقعي سان وڏا وڏا ملڪ پاڪستان کي فخر جي نگاهه سان ڏسندا. هن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت، پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستون شامل آهن جيڪي عالمي سياست ۽ معيشت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.