اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي و??ن پارٽي جي مر??زي سيڪريٽري جنرل احمد نو??ز خان جدون چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) اجلاس جي موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ انتشار پکيڙڻ جي برابر آهي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج هر سياسي پارٽي جو حق آهي جڏهن ته وقت جي نزاڪت جو ادراڪ به ضروري آهي، ايس سي او اجلاس جي موقعي تي اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ انتشار پکيڙڻ جي برابر آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي ڏنل سڏ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، بار بار احتجاج جي سڏ سان هاڻي عوام به پريشان ٿي و??ي آهي.