اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير اسحاق ڊار جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير اسحاق ڊار جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خو??ني ڪئي. هن مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا پڻ ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ ساڻس گڏ هو.