اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??اڪ??تان لبنان جي خلاف اس??ائ??ل جي جارحيت جي سخت مذ??ت ڪندي چيو آهي ته جمهوريه لبنان جي خلاف جارحيت جو اهو عمل گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته اهو هڪ خطرناڪ اضافو آهي جنهن اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان لبنان جي خلاف اس??ائ??ل جي تازه ت??ين فوجي جارحيت جي شديد ت??ين لفظن ۾ مذ??ت ڪري ٿو جنهن ۾ سوين شه??ين جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ لبنان جي عوام سان يڪجهتي ۽ امن ۽ سلامتي سان رهڻ جي حق جي لاءِ بيٺل آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اس??ائ??ل کي خطي ۾ ان جي خطرناڪ مهم جوئي ۽ جارحيت ۽ نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين جو گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.