اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب اميد ظاهر ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ جي ??جلاس ۾ پاڪستان لاءِ 37 مهينن جي مُدي تي ٻَڌل 7 ارب ڊالر جي ??وسيعي فنڊ سهولت پروگرام جي منظوري ڏني ويندي، پاڪستان ڍانچي جاتي سڌارن لاءِ پُرعزم آهي، ملڪ جي معيشت استحڪام سان اؤسر طرف وڃي رهي آهي. اهڙو اظهار هن لاهور ۾ علائقائي ترقيءَ لاءِ نجي ??عبي جي ??عليٰ سطحي ڊائلاگ جي ??ي پيڪ 2 ۽ خطي جي موضوع تي منعقد بحث کي خطاب ڪ??دي ڪيو. تقريب جو انتظام پاڪستان ريجنل اڪنامڪ فورم ڪيو هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 9 مهينن جي ??سٽينڊ باءِ معاهدي کي ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو. (اڄ) اربع ڏينهن آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي ??ورڊ جو اجلاس آهي ۽ اسان کي پوري اميد آهي ته بورڊ 37 مهينن جي 7 ارب ڊالر جي پروگرام جي منظوري ڏيندو. ??ن چيو ته پروگرام تحت پاڪستان ڍانچي جاتي سڌارن لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان کي خاص ڪري ٽيڪس، توانائي، ريا??تي ملڪيتي ادارن ۽ نجڪاريءَ جي ??والي سان سڌارن جي ??يجنڊا تي قائم رهڻ جي ??رورت آهي. حڪومت سڌارن جو عمل به جاري رکندي. هن آءِ ايم ايف پروگرام جي ??والي سان حمايت تي چين جو ٿورو مڃيندي چيو ته چين پاڪستان جو اهم ۽ اعتماد وارو شراڪتدار ملڪ آهي. ??ن چيو ته موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال گذريل مالي سال کان بهتر ٿي رهي آهي، مختلف اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي، ملڪ ۾ ڪرنسي مستحڪم آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ??خيرن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ٻن مهينن جي ??مدني واپار لاءِ ڪافي آهن، مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاليسي ريٽ گهٽ ٿيو آهي. ??ن چيو ته تازو ئي حڪومت ٽريزري بلز ۽ پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊز جي ٻولين کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان فيصلي جو مقصد اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته حڪومت هاڻي ملڪ اندر قرض وٺڻ لاءِ بيقرار ناهي. ??ن چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته حڪومت پنهنجي ??رطن تي ملڪ اندر قرض وٺندي جنهن جو مقصد بئنڪنگ سيڪٽر کي نجي ??عبي کي قرض ڏيڻ طرف راغب ڪرڻ آهي. ??ن چيو ته قرض ۽ ايڪيوئٽي جي لحاظ سان سيڙپڪاريءَ ۾ اضافي جي ??جيان ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ايندي. ??ن چي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، پهرئين مرحلي ۾ راهدارين، روڊن، بندرگاهن ۽ توانائيءَ ۾ سيڙپڪاريءَ تي توجهه ڏني وئي هئي، جڏهن ته هاڻي ايندڙ قدم ان انفراسٽرڪچر کي منافعي بخش بڻائڻ آهي. ??ن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۽ احسن اقبال جي ??ڳواڻيءَ ۾ اسان پنهنجي ڪوششن تي ٻيهر ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن سعودي عرب، پاڪستان ۽ چين جي ??رقياتي مالياتي ادارن کي مطالبو ڪيو ته هو پاڪستان ۽ ان جي ??رادر ملڪن وچ ۾ سرحد پار سيڙپڪاري ۽ راهداريءَ جي ??رقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.