اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪمانستان، چين پاڪستان اقتصادي راهد??ري (سي پيڪ) تحت گوادر بندرگاهه تائين رسائي حاصل ڪندڙ پهريون وچ ايشيائي ملڪ هوندو. اختيارين مطابق گوادر بندرگاهه سي پيڪ جي مرڪز ۾ واقع آهي، جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جو هڪ حصو آ??ي جنهن تحت بيجنگ پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن ۾ 60 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جي سيڙپڪ??ري جو وعدو ڪيو آ??ي. ان جو مقصد پاڪستان ۾ روڊن، ريلوي، پائيپ لائينن ۽ بندرگاهن جي نيٽ ورڪ ذريعي چين کي عربي سمنڊ سان ڳنڍڻ ۽ اسلام آباد کي پنهنجي معيشت کي هٿي ڏيڻ ۽ جديد بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. ري??يو پاڪستان رپورٽ ۾ چيو آ??ي، ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جلد ئي ان سلسلي ۾ هڪ معاهدي تي صحي??يو?? ڪندا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته حڪومت سي پيڪ تحت گوادر پورٽ ۽ ترڪمان باشي پورٽ وچ ۾ معاهدي جي مسودي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. پاڪستان ۽ ترڪمانستان پهرين ئي مختلف گڏيل منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ترڪمانستان- افغانستان- پاڪستان- ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين، ريلوي ٽريڪ ۽ فائيبر ڪنيڪٽوٽي شامل آهن، ته جيئن ڏکڻ ۽ وچ ايشيا کي ملائي سگهجي. پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ جيو پوليٽيڪل پوزيشن مان فائدو کڻڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن کي باقي دنيا سان ڳنڍيندڙ ه?? اهم واپ??ري ۽ ٽرانزٽ حب طور پنهنجي ڪردار کي وڌائڻ جي اميد رکي ٿو.