اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال چيو آهي ته ڪامرس واري وزارت کي ترقي ڏيڻ ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن، 13 ڪونسلز کي وڌائي 17 ڪيو ويو آهي. ٽوارزم، لائيو اسٽاڪ سميت سمورن ڪونسلز تي خاص ڌيان ڏنو پيو و??ي. ??ڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر ذيشان خانزاده جي سوال جي جواب ۾ واپاري واري و??ير ڄام ڪمال چيو ته 2025ع جي ٽيڪسٽائل پاليسي تي ڪم هلي رهيو آهي، ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي انتهائي اهميت حاصل آهي. هن چيو ته اسان مسئلن کي ح?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، موجوده صورتحال مشڪل آهي، اسان کي انٽرنيشنل مارڪيٽ تي ڏياڻ ڏيڻو آهي. هن چيو ته حڪومت مثبت اثراتن قدمن سان ٽيڪسٽائل جي شعبي کي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.