لاهور- 06 سيپٽمبر(اي پي پي) پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته يوم دفاع پاڪستان کي يوم وفا عزم وطن طور ملهائڻ گهرجي، زنده قومون پنهنجي شهيد?? ۽ ??ازين کي هميشه ياد رکنديون آهن، ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. اهڙو اظهار هن يوم دفاع جي موقعي تي ڪيپٽن سرور شهيد نشان حيدر جي يادگار سنگهوري سرور شهيد گوجر خان ۾ هڪ پ??وقار تقريب ۾ ڪيو . تقريب ۾ سياسي ، سماجي ۽ ادبي شخصيتن سميت شاگرد?? ۽ ??اگردياڻين جي وڏ?? انگ شرڪت ڪئي ۽ راجا پرويز اشرف يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 06 سيپٽمبر تي اسان جي فوج دشمنن جو مقابلو ڪر?? انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ، دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف فوج ۽ عوام جو اتحاد وسارڻ جوڳو ناهي . هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي اڄ پوري قوم فوج سان گڏ آهي. اڄ جو ڏينهن اسان جي محسنن جي قربانين کي ياد ڪرڻ ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ آهي .اسان کي پنهجي بهادر پٽن تي ناز آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي قوم ڪشمير ڪاز ۽ ولاريل وادي جي ڪشميرين سان گڏ آهي . پر امن بقاءَ تحت سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپا چاهيو?? ٿا . قائد اعظم جي اصولن ۽ قاعد عوام جي ويزن سان اسان سڀ اڳيان وڌي سگهو?? ٿا.