اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت تي انهن گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني زائرين ايران جي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان مو??ب ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايت تي زاهدان ۾ پاڪستان جي قونصلر کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته هو زخمين کي طبي امداد فرا??م ڪرڻ جي لاءِ مقامي عملدارن سان به رابطو ڪندو ۽ ميتن کي پاڪستان واپس پهچائڻ جو انتظام ڪندو. فوت ٿيندڙن مان اڪثر سنڌ صوبي جا رهواسي آهن. بيان مو??ب پرڏيهي وزارت انهن ڪوششن ۾ مدد فرا??م ڪرڻ ۽ ميتن جي وطن واپسي ۾ سهولت فرا??م ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فع??ل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تهران ۾ پاڪستان جو سفير ۽ زاهدان جو قونصلر تهران ۽ زاهدان ۾ ايراني عملدارن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن ميتن کي ڪڍڻ ۽ وطن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخمين جي علاج ۾ سهولت فرا??م ڪئي وڃي.