اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. اسان قائداعظم محمد علي جناح جي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادين جي تحفظ لاء?? ڪيل 11 آگسٽ 1947ع واري واعدي تي ??ائ?? رهڻ جو عزم ورجايون ٿا. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب صدر مملڪت اقليتن جي ڏهاڙي 11 آگسٽ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي مڃتا طور اقليتن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادين جي تحفظ جي لاء?? ڪيل 11 آگسٽ 1947ع واري واعدي تي ??ائ?? رهڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي ملڪي آئين ۾ ضمانت طور ڏنل سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن. اسان جو مذهب اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ کي ??ڪم?? طور تي تسليم ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي سرهائي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي با اختيار بنائڻ لاء?? ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اسان سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن لاءِ ??نج سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي آهي، جڏهن ته پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پڻ اقليتي برادري جي لاءِ سيٽون رکيون ويون آهن. اهڙي ريت غريب ۽ مستحق ما??هن جي مالي سهائتا ۽ شادين لاءِ گرانٽس پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. صدر وڌيڪ چيو ته اقليتي برادرين جي شاگردن کي تعليمي وظيفا، عبادتگاهن جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ ??نڊن جي فراهمي لاءِ ??دم کنيا پيا وڃن، پاڪستان پنهنجي اقليتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ ??رعزم آهي. صدر مملڪت چيو ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي، معاشري جا سمورا طبقا جن ۾ مذهبي اسڪالرز، اقليتي نمائندا ۽ ميڊيا شامل آهن، ما??هن کي اقليتن جي حقن جي باري آگاهي ڏين. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط ملڪ بنائڻ لاءِ بين المذاهبي هم آهنگي، محبت، رواداري، ڀائپي ۽ اتحاد جي جذبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ کين زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ برابري جي بنياد تي موقعا فراهم ڪندو. صدر مملڪت آصف علي زرداري ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جون اقليتون ملڪي ترقي لاءِ ??نهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.