ڪوئيٽا -23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود خان چيو آهي، ته موجوده حڪومت بلوچستا?? جي زخمن تي مرهم رکي ملڪ جي سڀ کان وڏي ص??بي ۾ معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن بلوچستان پاڪستان جو ترقي يافته صوبو هوندو. اتحاد ۽ اتفاق سان بلوچستان کي دنيا لاءِ رول ماڊل بڻائينداسين، پي پي اي ايف جا بلوچستان ۾ غربت ۾ گهٽتائي ۽ معاشي سرگرمين لاءِ ٺوس قدم تحسين جوڳا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن ٻهراڙي جي خوشحالي لاءِ جٽادار ترقي تحت ميچنگ گرانٽس جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم واري صوبائي وزير راحيله حميد دراني، پاڪستان پاورٽي اويليوايشن فنڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو، قومي ورثه ۽ ڪلچر ڊويز?? جي ايڊوائيزر، ايم پي ايز ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار به موجود هُئا. راڻا مشهود خان چيو ته بلوچستا?? جي نوجوانن ۾ جيڪا تعمير، اڳيان وڌڻ، پنهنجي جڳهه ٺاهڻ جو جذبو ڏٺو، هي اهو ئي جذبو آهي جيڪو قومن کي اڳيان وڌائيندو آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن بلوچستان پاڪستان کي ل??ڊ ڪندو. هن چيو ته موجوده حڪومت بلوچستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته وقت جي ضرورت آهي، ته اسان سڀئي گڏهي اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪيون، بلوچستان جي کجور، انگور سميت ٻي مصنوعات جي ايڪسپورٽ ۽ ص??بي جي ماڻه?? جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ هڪ عالمي ايڪسپو منعقد ڪندي ته جيئن بلوچستا?? جي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچائي سگهجي. بلوچستان معدنيا سان مالا مال آهي، نيوٽڪ س??ن گڏ معدنيات جي حوالي سان تربيت فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سولرائزيشن منص??بي تحت بلوچستا?? جي زميندارن کي پئڪيج ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم يوٿ قرض پروگرام تحت بلوچستان لاءِ خاص فيسليٽيشن سينٽر ٺاهينداسين ته جيئن بلوچستان جا نوجوان وڌ کان وڌ فائدو کڻي سگهن. سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف هڪ مهم هلائي پئي وڃي. اهو افسوسناڪ آهي، اسان جو دشمن اسان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، جهانزيب خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گراسپ منص??بي جو مقصد معاشري جي پيٺل طبقن کي معاشي سرگرمين ذريعي غربت جي لڪير کان مٿي آڻڻو آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، يورپي يونين ۽ پي پي اي ايف جي تعاون سان 42000 ايس ايم ايز س??ن گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. ص??بي جي 169 آبادگارن کي ميچنگ گرانٽس تحت 25 لک کان 3 ڪروڙ جي گرانٽس ڏني وئي جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ 210 آبادگارن کي گرانٽس ڏني ويندي. هن چيو ته گراسپ منص??بي تحت صوبائي حڪومت جي 700 آفيسرن ۽ ماتحت عملي ۽ 1500 آبادگارن کي ڪاروباري موقع?? جي حوالي سان تربيت فراهم ڪئي جڏهن ته 30 آبادگارن پنهنجي مصنوعات س??ن گڏ عالمي ايڪسپوز ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته بلوچستا?? جي کجور، انگور ۽ چوپائي مال جي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ 12 پاليسيون جمع ڪرايون آهن.