بيجنگ – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف جي چين جي پنجن ڏينهن جي دوري ۽ سندس اعليٰ چيني قيادت، چيني سرڪاري عملدارن سان ملاقاتن کي چين جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڀرپور ڪوريج ملي. وزيراعظم کي گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ، سي سي ٽي وي جي هيڊ لائينز ۽ چين جي ناليواري انگريزي ۽ چيني زبان جي نيوز چينلز ۽ اخبارن جن ۾ گلوبل ٽائيمز، چا??نا ڊيلي، پيپلز ڊيلي، چا??نا اڪنامڪ نيٽ ۽ وڏي انگ ۾ چيني اخبارن ۽ نيوز ويب سائيٽس تي نمايان ڪوريج ملي. چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي شنوا نيوز ايجنسي وزيراعظم ??و انٽرويو ڪيو جڏهن ته گلوبل ٽائيمز وزيراعظم ??و مضمون شايع ڪيو. بيجنگ ۾ موجود عالمي ميڊيا پاران پڻ وزيراعظم جي چيني گادي واري شهر ۾ مصروفيتن کي نمايان ڪوريج ڏني وئي. وزيراعظم ??هبا?? شريف چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ?? نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو لي جي، مختلف حڪومتي ادارن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جڏهن ته شينزن ۾ پاڪستان چا??نا بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪاروباري شخصيتن کي خطاب ڪيو. چيني دانشورن پاران پڻ ٽيليويزن تي وزيراعظم جي دوري جي مختلف رخن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته اخبارن ۾ نيوز آرٽيڪل پڻ لکيا ويا. چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي دعوت تي وزيراعظم ??هبا?? شريف 4 کان 8 جون دوران چين جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران هن چين جي شهر شينزن ۽ زيان جو دورو ڪيو.