بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان زراعت جي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ چ??ني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، حڪومت گورننس جي بهتري، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، ريلوي مين لائين ون جي اپ گريڊيشن جو منصوبو سيڙپڪاري جي لاءِ بلڪل تيا?? آهي، چائنا ايگزم بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار چائنا ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ (سي اي ايڪس آءِ ايم) جي چيئرمين ڊاڪٽر ووفلن سان ڳالها??ين??ي ڪيو جنهن وز??راعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وز??ر مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارر، پاور وارو وفاقي وز??ر اويس احمد خان لغاري ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ملاقات دوران وز??راعظم پاڪستان حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا تي روشني وجهندي گورننس جي بهتري، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو ته جيئن سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهجي. هن چيو ته سڌاراجاتي قدمن جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن ڇو ته غذائي شعبي ۾ مهانگائي تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي ۽ پبلڪ ڊيٽ کي وڌيڪ پائيدار سطح تي آندو ويو آهي. وز??راعظم پاڪستان جي صنعتن، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن جي جدت جي لاءِ ايگزم بئنڪ جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. هن عالمي منڊين ۾ پاڪستان جي برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن جي هڪ حصي جي طور تي پاڪ چين گڏيل منصوبي جي منصوبن ۽ واپاري فنانسنگ ۾ چ??ني ايگزم بئنڪ جي امڪاني ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان حڪومت گورننس جي بهتري، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، چائنا ايگزم بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، مين ريلوي لائين ون جي اپ گريڊيشن جو منصوبو سيڙپڪاري جي لاءِ بلڪل تيا?? آهي. هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي جي لاءِ چ??ني سيڙپڪاري جا خواهشمند آهيون، پاڪستان پنهنجي زراعت جي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان چ??ني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، ايگزم بئنڪ جي چيئرمين وز??راعظم سان ڳالها??ين??ي چيو ته جهڙي طرح پنجاب اسپيڊ سان ڪم ڪيو ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري اهڙي طرح اسان کي پاڪستان اسپيڊ نظر اچڻ شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو هر منصوبو چائنا ايگزم بئنڪ جي لاءِ ترجيحي حيثيت رکي ٿو. هن سي پيڪ فيز ٽو تحت اقتصادي ۽ مالي تعاون جي اهم ڪردار ۽ چائنا ايگزم بئنڪ جي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ ”گڏيل خوشحالي“ جي تصور تحت پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تعاون تي زور ڏنو. چائنا ايگزم بئنڪ جي اڳوڻي چيئرمين سن هوزيا وليان محمد شهباز شريف جي لاءِ پنجاب جي وڏي وز??ر جي دور ۾ سندس نگراني هيٺ تيز رفتار ترقياتي منصوبن جي ڪري شهباز اسپيڊ جو اصطلاح استعمال ڪيو هو.