بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيني سيڙپڪاري ۽ پرائيويٽ انٽرپرائيزز تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين، چٽاڀيٽي واري افرادي قوت ۽ ترجيحي منديءَ تائين پهچ مان فائدو کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ چين جي ناليواري ڪاروباري ادارن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ايسوسيئيشنز جي قيادت کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب ??زيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ معاونت ڪندي فتح جي تعاون جو مثال آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ چيني ڪمپنين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. نائب ??زيراعظم سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن کي ترجيح جي طور تي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو هڪ جامع جائزو پڻ پيش ڪيو. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪرڻ تي خصوصي زور ڏنو ۽ چيو ته ايس آءِ ايف سي عالمي سيڙپڪارن کي هڪ جامع ۽ مڪمل ح??وم??ي موقف جي ذريعي ”ون ونڊو“ سهولت فراهم ڪري ٿي. چيني ڪاروباري ادارن جي قيادت پاڪستان ح??وم?? پاران عالمي سيڙپڪارن، ڪيترن ئ?? شرڪت ڪندڙن کي پيش ڪيل مراعتن کي ساراهيو. چيني ڪاروباري ادارن پاڪستان ۾ نئين ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي ترقي ۽ توسيع ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي.