اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاڪستان جي خلاف ڀارتي قيادت جي جارحاڻي ??يا?? بازي کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي عالمي برادري کان ان جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڀارتي سياستدان چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي سياست ۾ پاڪستان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اسٽريٽجڪ معاملن تي ذميواري جو مظاهرو ڪن. ڀارتي وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن پاران تازو ئي پاڪستان بابت ??يا??ن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ڀارتي لوڪ سڀا جي چونڊ مهم دوران مختلف اڳواڻن پاران پاڪستان مخالف ??يا?? بازي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، اسان انهن غيرذميواراڻي ??يا??ن کي رد ڪريون ٿا، جيڪي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، ٻطرفن لاڳاپن جي حالت ۽ ائٽمي صلاحيتن سميت ڪيترن ئي ٻين معاملن بابت آهن. ترجمان چيو ته افسوس سان اهڙي طرح قسم جا پاڪستان مخالف ??يا?? اتي ??ونڊ مقصدن جي لاءِ هائپر نيشنلزم جو فائدو کڻڻ ۽ وڌندڙ ملڪي ۽ عالمي تنقيد تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ مايوس ڪندڙ ڪوشش جي عڪاسي ڪن ٿا، ڀارتي ليڊرن جو طرزعمل هڪ غيرسنجيده ۽ انتهاپسند ذهنيت کي بي نقاب ڪري ٿو، ان زهنيت سان ڀارت جي تذويراتي صلاحيت جي حوالي سان ان جي ذميواري تي سواليه نشان اٿاري ٿي، ٻئي طرف پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيت جو مقصد پنهنجي خودمختياري جو تحفظ ?? پنهنجي علائقائي سالميت جو دفاع ڪرڻ آهي. پاڪستان ماضي ۾ به پنهنجي دفاع جي عزم جو واضح ط??ر تي مظاهرو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڀارت پاران ڪنهن به قسم جي حرڪت ڪئي وئي ته مستقبل ۾ به ائين ڪرڻ سان پاسو نه ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته رڳو ڪجهه مهينا اڳ اسان پاڪستاني سرزمين تي ??ارت جي عدالت کان مٿانهين ۽ عالمي قتل جي مهم جي تفصيلن کي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان جي اندر جارحاڻي ڪاررواين جي لاءِ پنهنجي تياري تي ??ارت جو مسلسل زور جرم جو اعتراف آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت اشتعال انگيز ??يا?? بازي جي حوالي سان اسان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته تاريخي حقيقتون، قانوني اصول، اخلاقي خدشا ۽ زميني حقيقتون ڀارت جي بي بنياد دعوائن جي ترديد ڪن ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جون لاڳاپيل قراردادون واضح ط??ر تي ان جي حتمي حل لاءِ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ راءِ شماري جو پابند بڻائين ٿيون. ڪي به ڀارتي ??يا?? ان حقيقت کي نه ٿا بدلائي سگهن، تنهن ڪري ڀارت کي گهرجي ته هو انهن قراردادن کي عملي جامعو پارائڻ تي ??يان ڏي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان ڀارتي سياستدانن تي زور ڀريون ٿا ته اهي چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي سياست ۾ پاڪستان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اسٽريٽجڪ معاملن تي ذميواري جو مظاهرو ڪن، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارتي قيادت جي جارحاڻي ??يا?? بازي جو نوٽيس وٺي جيڪو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهي. ترجمان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن کي ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن حل طلب تڪرارن جي پرامن حل ۽ ٽڪراءُ کان تعاون طرف منتقلي جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو.