اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رفح ۾ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي تي گهري ڳڻ??ي جو اظهار ڪندي اسرائيل جي ان??اڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي شهرين کي اهڙي وحشياڻي جارحيت کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته رفح ۾ پريشان ڪندڙ اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي آهي ۽ پاڪستان اسرائيل جي ان??اڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن سان وڏو جاني نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جي اسرائيل جي خلاف تازي واضح فيصلي جي باوجود بار بار عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪ??ي پئي وڃي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي شهرين کي اهڙي وحشياڻي جارحيت کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.