اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا جي جبلن تي لڳل باهه تي وقت سر ضابطو آڻڻ تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته باهه سان ٻيلن کي پهچندڙ نقصان جو تعين ڪري ان جي بحالي جي ل??ءِ قدم کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ڊاڪٽرز هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، اسلام آباد انتظاميا ۽ موسمياتي ت??دي??ي واري ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ موسمياتي ت??دي??ي واري وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي باهه اُجهائڻ جي ل??ءِ ڪوششون ساراهه ج??ڳيون آهن، پاڪ فوج پاران باهه اجهائڻ جي ل??ءِ هيليڪاپٽرز جي فراهمي تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته باهه اجهائڻ جي آپريشن ۾ وزيراعظم هائوس جا هيليڪاپٽرز، سڪسٿ ايوي ايشن پڻ وزيراعظم جي هدايت تي حصو ورتو. وزيراعظم انهن جي ڪوششن جي پڻ پذيرائي ڪئي. هن چيو ته الله ج?? فضل ۽ ڪرم سان باهه سان ڪو جاني ??قصان نه ٿيو، باهه سان ٻيلن کي پهچندڙ نقصان جو تعين ڪري ان جي بحالي جي ل??ءِ قدم کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ڊاڪٽرز هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪن.