اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صد??رت ۾ خص??صي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل جي خص??صي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چيف آف آرمي اسٽاف، موجوده ۽ اڳوڻن نگران وزيرن، وڏن وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي نگران ڪابينا جي ميمبرن جي موجودگي ۾ نئين وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي خص??صي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل جي سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ ملڪ جي مجموعي مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام جي حوالي سان قدمن ۽ نمايان ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ڪميٽي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جون 2023ع جي خص??صي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل قائم ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو جيڪا هاڻي پاليسي سازي جي جوڙجڪ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ڪابينا ۽ وڏن وزيرن کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان کي درپيش اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جي بهترين معيشتن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف حڪومت جي اقتصادي قدمن ۾ هٿياربند فوج پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن ملڪ کي ان جي حقيقي پوٽينشنل موجب آ??ڻ جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي جي خاطري پڻ ڪرائي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خص??صي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل مشڪل وقت ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ رستو آهي ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ ماضي جي ڀيٽ ۾ هڪ پختي عزم جي ضرورت آهي. هن وفاقي ڪابينا تي زور ڏنو ته اها گڏجي سياسي اختلافن کي مٿانهون رکي اقتصادي استحڪام جي لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪن. هن وسيع تر قومي اقتصادي ايجنڊا جي تسلسل تي نگران حڪومت جا پڻ ٿورا مڃيا.